2 Samuel 2:23 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهيءَ هوندي بہ هن ٻئي پاسي وڃڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجهانئس لنگهي پٺيان نڪري آيو، ۽ هو اتي ڪري پيو، ۽ انهيءَ هنڌ مري ويو: ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن هنڌ عساهيل ڪري مري پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو پئي آيا سي ماٺ ڪري بيهندا ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر عساهيل سندس پيڇو ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. تڏهن ابنير نيزي جي پٺئين ڇيڙي سان هن کي پيٽ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو جو نيزو منجھانئس لنگھي پٺيان نڪري ويو. هو اتي ئي ڪري پيو ۽ مري ويو. پوءِ جنهن هنڌ عساهيل مئو پيو هو، انهيءَ هنڌ جيڪي ماڻهو ايندا ٿي ويا سي ماٺ ڪري بيهندا ٿي ويا.