2 Samuel 2:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ دائود يبيس جلعاد جي ماڻهن ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کي، يعني سائول کي اها مهرباني ڏيکاري آهي، ۽ انهيءَ کي دفن ڪيو اٿوَ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن يبيس جي ماڻهن ڏانهن قاصد موڪليا. کين چوائي موڪليائين تہ ” خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا سائول تي اها مهرباني ڪئي جو کيس دفن ڪيو اٿوَ.