2 Samuel 20:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ عماسا شاهي سڙڪ جي وچ ۾ پنهنجي رت ۾ ليٿڙيون پئي پاتيون. ۽ جڏهن انهيءَ ماڻهو ڏٺو تہ سڀ ماڻهو ماٺ ڪيو بيٺا آهن تڏهن هو عماسا کي شاهي سڙڪ تان کڻي ميدان ڏي ويو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ جيڪو ٿو انهي پاسي اچي سو ماٺ ڪري بيهندو وڃي تڏهن هن جي مٿان ڪپڙو وجهي ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ عماسا جو رت ۾ ٻڏل لاش رستي جي وچ ۾ پيو هو، سو انهيءَ محافظ ڏٺو تہ سڀ ماڻهو ماٺ ڪيو بيٺا آهن ۽ جيڪو بہ انهيءَ هنڌ وٽ آيو ٿي سو بہ ماٺ ڪري اچي بيهندو ٿي ويو. تڏهن هو عماسا جي لاش کي رستي کان هٽائي پاسي ڏانهن گهلي ويو ۽ انهيءَ جي مٿان ڪپڙو وجھي ڇڏيائين.