2 Samuel 20:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اُها زال سياڻپ ڪري سڀني ماڻهن وٽ ويئي. ۽ هنن سبع بن بڪريءَ جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اُڇلائي ڏني. پوءِ هن قرناءِ وڄائي، ۽ هو شهر مان نڪري پکڙي پيا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي هليو ويو. ۽ يوآب موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اها عورت پنهنجي سياڻپ واري صلاح سڀني ماڻهن وٽ کڻي ويئي ۽ هنن سبع جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اڇلائي ڏني. تڏهن يوآب نفيل وڄرائي ۽ سندس سڀيئي ماڻهو شهر وٽان ٽڙي پکڙي پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽڻ لڳا. پوءِ يوآب بہ موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ آيو.