2 Samuel 20:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ دائود يروشلم ۾ پنهنجي گهر آيو؛ ۽ جيڪي ڏهہ زالون بادشاهہ جون سريتون هيون ۽ جن کي هو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هن کڻي بند ۾ وڌو، ۽ اتي کاڌو پهچائي پئي ڏنائين، پر ساڻن صحبت ڪانہ ٿي ڪيائين. انهيءَ طرح هو مرڻ جي ڏينهن تائين بند ٿيون پيون هيون، ۽ رناپڻ ۾ گذارينديون آيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دائود جڏهن يروشلم ۾ پنهنجي محلات ۾ آيو، تڏهن هن پنهنجي انهن ڏهن سريتن، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هڪڙي گھر ۾ کڻي بند ڪيو. هن انهن جي کاڌي خوراڪ جو انتظام ڪري ڇڏيو، پر ساڻن هم‌بستر نہ ٿيو. اهڙيءَ طرح اهي مرڻ گھڙيءَ تائين بند رهيون ۽ رنن‌زالن جهڙي زندگي گذارينديون رهيون.