2 Samuel 21:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ دائود جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو؛ ۽ دائود خداوند جي حضور ۾ دعا گهري. ۽ خداوند فرمايو تہ سائول جي سبب، ۽ سندس خوني گهراڻي جي سبب اهو حال ٿيو آهي، جو هن جبعونين کي قتل ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دائود جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٽي سال ساندهہ ڏڪار پيو. سو دائود انهيءَ بابت خداوند کان پڇا ڪئي. خداوند کيس فرمايو تہ سائول ۽ سندس خوني گھراڻي جي ڪري اهو حال ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن جِبعونين کي قتل ڪيو هو.