2 Samuel 21:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ دائود وڃي يبيس جلعاد جي ماڻهن کان سائول جا ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جي انهن بيت شان جي گهٽيءَ مان چورايا هئا؛ جنهن ڏينهن فلستين سائول کي جلبوعہ ۾ قتل ڪيو، انهيءَ ڏينهن فلستين انهن کي اُتي ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن دائود وڃي جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي ماڻهن کان سائول ۽ سندس پٽ يونتن جا هڏا ورتا، جيڪي هنن بيت‌شان جي چونڪ مان چورايا هئا، جتي فلستين هنن کي انهيءَ ڏينهن ڦاسيءَ تي چاڙهيو هو جنهن ڏينهن سائول کي جِلبوعہ ۾ قتل ڪيو هئائون.