2 Samuel 23:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اهي ٽي پهلوان فلستين جي لشڪر مان زور سان لنگهي دروازي جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي دائود وٽ کڻي آيا: پر اهو هن پيئڻ نہ گهريو، پر خداوند جي اڳيان هاري ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي اهي ٽيئي بهادر فلستي لشڪر جي خيميگاهہ جي وچان هوشياريءَ سان لنگھي وڃي بيتلحم جي دروازي واري کوهہ مان پاڻي ڀري دائود وٽ کڻي آيا. پر دائود اهو پيئڻ نہ گھريو بلڪ اهو خداوند جي حضور ۾ نذراني طور هاري ڇڏيائين.