2 Samuel 23:17 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن چيو تہ اي خداوند، شل ائين نہ ٿئي تہ آءٌ هيئن ڪريان: هي ماڻهو پنهنجي ساهہ تان آهو کڻي ويا تن جو رت پيئان ڇا؟ تنهنڪري هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي پهلوانن هي ڪم ڪيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پاڻي هاريندي هن چيو تہ ”اي خداوند! ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو جو آءٌ اهو پيئان؟ اهو تہ انهن ماڻهن جي رت پيئڻ جي مثال آهي، جيڪي پنهنجيون جانيون خطري ۾ وجھي اهو کڻي آيا آهن.“ سو هن اهو پاڻي نہ پيتو. انهن ٽنهي وڏن بهادرن جا اهي ئي ڪارناما هئا.