2 Samuel 24:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن ملائڪ يروشلم کي چٽ ڪرڻ لاءِ اُن ڏي پنهنجو هٿ ڊگهيريو، تڏهن خداوند انهيءَ خرابيءَ کان پنهنجو ارادو بدلايو، ۽ جنهن ملائڪ ماڻهن کي چٽ پئي ڪيو، تنهن کي چيائين تہ هاڻي بس؛ هاڻي پنهنجو هٿ جهل. ۽ خداوند جو ملائڪ اروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ جي پاسي ۾ هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.