2 Samuel 3:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ابنير پنهنجي طرفان دائود ڏي قاصد موڪليا، ۽ چوائي موڪليائين تہ هيءُ ملڪ ڪنهن جو آهي؟ ۽ هي بہ چوايائين تہ مون سان عهد ڪر ۽ ڏس، منهنجو هٿ تو سان ٿيندو، ۽ آءٌ ساري اسرائيل کي تنهنجي پاسي ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ابنير دائود ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليا، جيڪو ان وقت حبرون ۾ هو. هن کيس چوائي موڪليو تہ ”هن ملڪ تي ڪير حاڪم ٿيندو؟ تون مون سان معاهدو ڪر تہ آءٌ سڄي بني اسرائيل کي تنهنجي پاسي آڻڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندس.“