2 Samuel 3:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ابنير دائود کي چيو تہ آءٌ موٽي ويندس ۽ سڀني اسرائيلين کي پنهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ آڻي گڏ ڪندس، تہ اهي توسان عهد اقرار ڪن، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ موجب انهن تي بادشاهي ڪج. ۽ دائود ابنير کي روانو ڪيو؛ ۽ هو صحيح سلامت هليو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ابنير دائود کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ موٽي ويندس ۽ سڄي بني اسرائيل کي آڻي پنهنجي آقا بادشاهہ وٽ گڏ ڪندس، تہ جيئن اهي توهان سان عهد ڪن ۽ توهين انهن سڀني تي پنهنجي مرضيءَ موجب بادشاهي ڪريو.“ سو دائود ابنير کي روانو ڪيو ۽ هو سلامتيءَ سان هليو ويو.