2 Samuel 5:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ دائود بعل پراضيم ۾ آيو، ۽ اتي دائود انهن کي شڪست ڏني، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند منهنجن دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي جيئن پاڻي ڀڄندو آهي. تنهنڪري هن انهيءَ هنڌ جو نالو بعل پراضيم رکيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو دائود هڪڙي هنڌ تي آيو ۽ اتي فلستين کي شڪست ڏنائين. تڏهن دائود چوڻ لڳو تہ ” خداوند منهنجي دشمنن کي ائين ڀڃي وڌو آهي، جيئن اوچتو پاڻيءَ جو بند ڀڄي پوندو آهي.“ انهيءَ سبب ئي انهيءَ هنڌ جو نالو بعل‌پراضيم پئجي ويو.