2 Samuel 5:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ بادشاهہ پنهنجن ماڻهن سميت يروشلم ڏي ويو، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي رهاڪن يعني يبوسين سان وڙهي: انهن دائود کي چيو تہ تون هتي اچي ڪين سگهندين، بلڪ انڌا ۽ منڊا توکي هڪلي ڪڍي ڇڏيندا: هنن ڀانئيو تہ دائود اُتي اچي نہ سگهندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ دائود بادشاهہ پنهنجي ماڻهن سميت يروشلم جي قبضي ڪرڻ لاءِ يبوسين ڏانهن چڙهائي ڪري ويو، جيڪي اتي رهندا هئا. هنن دائود کي چيو تہ ”تون هتي اندر اچي ڪين سگھندين، هتان جا تہ انڌا ۽ منڊا ئي تو کي داخل ٿيڻ ڪونہ ڏيندا.“ هنن سمجھيو ٿي تہ دائود اتي اچي ڪين سگھندو.