2 Samuel 6:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ماڻهن بادشاهہ دائود کي ٻڌايو تہ خداوند عوبيد ادوم جي گهراڻي کي، ۽ جن جو انهيءَ سان واسطو آهي تن سڀني کي خدا جي صندوق ڪري برڪت ڏني آهي. تڏهن دائود وڃي عوبيد ادوم جي گهر مان خدا جي صندوق خوشيءَ سان دائود جي شهر ۾ کڻي آيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن دائود بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ عوبيدادوم جي گھراڻي ۽ ساڻس واسطو رکندڙ سڀني شين کي خداوند پنهنجي عهد واري صندوق جي ڪري برڪت عطا ڪئي آهي، تڏهن هو ويو ۽ عوبيدادوم جي گھر مان خدا جي عهد واري صندوق خوشيون ملهائيندي پنهنجي شهر يروشلم ۾ کڻي آيو.