2 Samuel 6:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني سان گڏجي بعل يهوداہ مان روانو ٿيو، انهي لاءِ تہ اُتان خدا جي صندوق کڻي اچي، جا لشڪرن جي انهيءَ خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جو ڪروبين تي ويٺل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو انهن سڀني کي ساڻ ڪري يهوداہ جي بعلہ شهر ڏانهن روانو ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ اتان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچي، جيڪا قادرِمطلق خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جيڪو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن جي وچ ۾ صندوق تي تختنشين آهي.