2 Samuel 6:20 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ دائود پنهنجي گهراڻي کي برڪت ڏيڻ لاءِ موٽي آيو. ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود کي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ اڄ اسرائيل جو بادشاهہ ڪهڙو نہ جلال وارو هو جو هن پاڻ کي پنهنجن نوڪرن جي ٻانهين جي ڏسندي اُگهاڙو ڪيو، جيئن ڪ ڪميڻو ماڻهو بي شرم ٿي پاڻ کي اُگهاڙو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بي‌شرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“