2 Samuel 7:29 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي کي برڪت ڏي تہ اهو تنهنجي اڳيان هميشہ تائين هلندو هلي: ڇالاءِ جو اي خداوند خدا، تو ائين فرمايو آهي: شل تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گهراڻو هميشہ لاءِ برڪت وارو ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند خدا! تو اهو واعدو فرمايو آهي. بيشڪ تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گھراڻو هميشہ لاءِ سڳورو رهندو.“