2 Samuel 7:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي وڃي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ مون توکي رڍن جي واڙي مان، رڍن جي پٺيان هلڻ کان ڪڍي آندو، انهي لاءِ تہ تون منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿين:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اي ناتن! هاڻي تون منهنجي ٻانهي دائود کي مون قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’مون تو کي رڍن پٺيان هلندڙ ريڍار مان ڦيرائي پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان حاڪم مقرر ڪيو آهي.