2 Thessalonians 1:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڪري اسين ھميشہ اوھان لاءِ دعا گھرندا رھندا آھيون، تہ شل اسان جو خدا اوھان کي پنھنجي ڪوٺ جي لائق ڄاڻي. شل ھو پنھنجي قدرت سان اوھان جي ھر نيڪ خواھش ۽ ايمان واري ڪم کي پورو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ پرارٿنا ڪندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو ايشور اوهان کي اهڙي جيون جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم وشواس سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي شڪتيءَ سان پورو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڪري اسين هميشہ اوهان لاءِ دعا گھرندا رهندا آهيون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي اهڙي زندگيءَ جي لائق قرار ڏئي جنهن لاءِ اوهان کي سڏيو ويو آهي. شل هو اوهان جي هر نيڪ خواهش ۽ جيڪو ڪم ايمان سان ڪريو ٿا تنهن کي پنهنجي قدرت سان پورو ڪري.