2 Thessalonians 1:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين ھيءَ دعا انھيءَ لاءِ گھرندا آھيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوھان جي وسيلي ۽ اوھين ھن جي وسيلي عزت پايو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين هيءَ پرارٿنا انهيءَ لاءِ ڪندا آهيون تہ جيئن اسان جي ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڏنل ڪرپا موجب، اسان جي پرڀو يسوع جو نالو اوهان ۾ مهان ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ مان ماڻيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين هيءَ دعا انهيءَ لاءِ گھرندا آهيون تہ جيئن اسان جي خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ڏنل فضل موجب، اسان جي خداوند عيسيٰ جو نالو اوهان ۾ عظيم ڄاتو وڃي ۽ اوهين هن ۾ عزت ماڻيو.