2 Thessalonians 1:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي وشواس ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون. هي انهيءَ ڪري مناسب آهي جو اوهان جي ايمان ۾ گھڻي کان گھڻو واڌارو ايندو ٿو وڃي ۽ اوهان سڀني جو هڪٻئي لاءِ پيار وڌندو ٿو وڃي.