2 Thessalonians 1:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اهو خدا جي سچيءَ عدالت جو صاف نشان آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي بادشاهت جا لائق ليکجڻ ۾ اچو، جنهن جي لاءِ اوهين ڏک پيا سهو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن ڳالھين مان ثابت آھي تہ خدا جو انصاف سچو آھي. انھيءَ جي نتيجي ۾ اوھين خدا جي بادشاھت جي لائق ليکبا، جنھن جي لاءِ اوھين ڏک بہ سھو ٿا پيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي تہ ايشور جي عدالت سچي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوهين ايشور جي راڄ جي لائق قرار ڏنا ويا آهيو، جنهن لاءِ اوهين تڪليفون بہ پيا سهو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ مان ثابت ٿو ٿئي تہ خدا جي عدالت سچي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوهين خدا جي بادشاهيءَ جي لائق قرار ڏنا ويا آهيو، جنهن لاءِ اوهين تڪليفون بہ پيا سهو.