2 Thessalonians 1:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ اوھان ڏک سھڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. ھي انھيءَ وقت ٿيندو جڏھن خداوند عيسيٰ پنھنجي طاقتور ملائڪن سان گڏ ڀڙڪندڙ باھہ ۾ آسمان مان ظاھر ٿيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو پرڀو يسوع پنهنجي دوتن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آڪاش مان ظاهر ٿيندو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ اوهان تڪليفن سهڻ وارن کي اسان سان گڏ آرام ڏيندو. هي انهيءَ وقت ٿيندو جڏهن اسان جو خداوند عيسيٰ پنهنجي ملائڪن جي لشڪر سان گڏ ڀڙڪندڙ باهہ ۾ آسمان مان ظاهر ٿيندو