2 Thessalonians 2:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اي ڀائرو، خداوند جا پيارا، اسين ٻَڌل آهيون تہ هميشہ اوهان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِ جو خدا شروع کان اوهان کي انهي لاءِ چونڊي ڪڍيو هو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿيو، ۽ سچ تي ايمان آڻيو، ۽ نجات حاصل ڪريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خداوند جا پيارؤ! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيون، ڇالاءِجو خدا شروع کان ئي اوھان کي انھيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو ھو تہ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي پرميشور جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ ايشور جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پوِتر آتما جي وسيلي پوِتر ٿي ۽ سچ تي وشواس آڻي مڪتي حاصل ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.