2 Thessalonians 2:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪو معبود ٿو سڏجي، يا جنهن جي پرستش ٿي ٿئي، تنهن کان هو پاڻ کي وڏو ٿو ڄاڻي، ۽ مخالفت ٿو ڪري؛ ايتري قدر جو هو خدا جي هيڪل ۾ ويهي پاڻ کي خدا ٿو سڏائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي ڀڳوان يا ديوتا ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو ايشور جي پوِتر گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”ايشور آءٌ آهيان.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو خدا جي پاڪ گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”خدا آءٌ آهيان.“