2 Thessalonians 3:8 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
نڪي اسان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿان مفت جي ماني کاڌي، بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينهن پورهيو ڪيوسين، تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بوجو نہ ٿي پئون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪنھن جي ماني مفت نہ کاڌيسين بلڪ محنت ۽ مشقت ڪري رات ڏينھن پورھيو ڪيوسين، انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسان مفت جي روٽي نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسان مفت جي ماني نہ کاڌيسين، بلڪ رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو ڪيوسين، انهيءَ لاءِ تہ اوهان مان ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.