2 Timothy 1:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جو هاڻي اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جي ظاهر ٿيڻ ڪري پڌرو ڪيو ويو، جنهن موت کي نيست ڪري، ۽ انجيل جي وسيلي حياتيءَ ۽ بقا کي روشن ڪيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اھو ھاڻي اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ ڪري ظاھر ٿيو، جنھن موت کي ناس ڪري زندگيءَ ۽ بقا کي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ اها اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿي، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ جيون بلڪ ناس نہ ٿيندڙ جيون کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ اهو اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿيو، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ زندگيءَ ۽ بقا کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.