2 Timothy 1:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون کي تنھنجو اھو سچو ايمان ياد آھي، جيڪو پھريائين تنھنجي نانيءَ لوئس ۽ تنھنجي ماءُ يونيڪيءَ جو ھو ۽ مون کي يقين آھي تہ تنھنجو بہ ساڳيو ايمان آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون کي تنهنجو سچو وشواس ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو وشواس اهو ساڳيو ئي وشواس آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماتا يونيڪيءَ جو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون کي تنهنجو سچو ايمان ياد آهي ۽ يقين اٿم تہ تنهنجو ايمان اهو ساڳيو ئي ايمان آهي جيڪو پهريائين تنهنجي نانيءَ لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ جو هو.