2 Timothy 1:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اسان جي خداوند بابت شاھدي ڏيڻ کان توڙي مون کان، جيڪو سندس قيدي آھيان شرم نہ ڪر، بلڪ خدا کان ملندڙ طاقت موجب خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سھُہ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.