2 Timothy 1:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگيءَ ڏانھن سڏيو، اسان جي عملن جي ڪري نہ، بلڪ پنھنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب. اھو فضل اسان تي عيسيٰ مسيح جي وسيلي ازل کان وٺي ڪيو ويو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ خدا اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو ۽ پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ فضل موجب ٿيو، جيڪو اسان تي عيسيٰ مسيح ۾ ازل کان وٺي ڪيو ويو هو.