2 Timothy 2:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جوانيءَ جي برين خواھشن کان پري ڀڄ. انھيءَ کان سواءِ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏجي سچائي، ايمان، محبت ۽ صلح جو طلبگار ٿيءُ.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پوِتر دل سان پرميشور کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، وشواس، پريم ۽ شانتيءَ جو ڳولائو ٿيءُ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، ايمان، محبت ۽ سلامتيءَ جو طلبگار ٿيءُ.