2 Timothy 3:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو ماڻهو خود مطلبي، زردوست، ٻٽاڪي، مغرور، گلاخور، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي شڪرا، ناپاڪ،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو ماڻھو خود⁠غرض، پيسي جا يار، ٻٽاڪي، مغرور، بدزبان، ماءُ⁠پيءُ جا نافرمان، بي⁠شڪرا ۽ ناپاڪ ٿي پوندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مطلبي، پئسي جا پوجاري، ٻٽاڪي، مغرور، ايشور جي نندا ڪندڙ، ماتا پتا جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙ هوندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ ماڻهو خودغرض، پئسي جا پوڄاري، ٻٽاڪي، مغرور، ڪفر بڪندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ هوندا.