2 Timothy 3:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اهڙن ئي منجهان اُهي ماڻهو آهن، جي گهرن ۾ لڪ چوريءَ گهڙي، ڪن ڀورڙين زالن کي، جيڪي گناهہ سان ڀريل ۽ ڪيترين نفساني خواهشن جي ڪري گمراهہ ٿيل آهن، تن کي پنهنجي چنبي ۾ ٿا آڻين،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙي ئي قسم جي ماڻھن مان ڪي گھرن ۾ لڪ چوريءَ گھڙي سادين عورتن کي پنھنجي چنبي ۾ آڻين ٿا. اھي عورتون گناھن جي ھيٺان دٻجي طرح طرح جي برين خواھشن ۾ ڦاسيو وڃن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙي ئي قسم جي ماڻهن مان ڪي لڪ چوريءَ گھرن ۾ گھڙي اهڙين بي‌عقل نارين کي پنهنجي چنبي ۾ آڻين ٿا، جيڪي پنهنجن پاپن جي ڪري پريشان رهندي طرح طرح جي برين خواهشن ۾ ڦاٿل رهن ٿيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙي ئي قسم جي ماڻهن مان ڪي لڪ چوريءَ گھرن ۾ گھڙي اهڙين بي‌عقل عورتن کي پنهنجي چنبي ۾ آڻين ٿا، جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري پريشان رهندي طرح طرح جي برين خواهشن ۾ ڦاٿل رهن ٿيون.