3 John 1:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهن ڪليسيا جي اڳيان تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. تون اُنهن کي اهڙيءَ طرح سفر تي روانو ڪر، جهڙيءَ طرح خدا جي خدمت جي لائق آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪليسيا جي اڳيان انھن تنھنجي پيار جي شاھدي ڏني آھي. اھو چڱو ٿيندو جيڪڏھن تون اھڙيءَ طرح سندن مدد ڪري سفر لاءِ روانو ڪندين جھڙيءَ طرح خدا کي جڳائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هتان جي وشواسي منڊليءَ جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن ايشور کي پسند آهي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هتان جي ڪليسيا جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن خدا کي پسند آهي،