Acts 1:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پاڪ لکيت جو بيان پورو ٿيڻو هو، جو پاڪ روح اڳيئي دائود جي واتان، يهوداهہ جي بابت چيو هو جو يسوع جي جهلڻ وارن جو سونهون ٿيو:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! انھيءَ پاڪ لکت جو سچو ثابت ٿيڻ ضروري ھو، جنھن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يھوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو ھو، جيڪو عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رھنمائي ڪندڙ ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڪ ڪلام جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پاڪ روح دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن عيسيٰ کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي.