Acts 10:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جڏهن پطرس پنهنجي دل ۾ انهي فڪر ۾ هو تہ هي رويا جا مون ڏٺي، تنهن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تہ ڏسو، اُهي ماڻهو، جن کي ڪرنيليس موڪليو هو، سي شمعون جو گهر پُڇائي، دروازي تي اچي بيٺا؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پطرس پاڻ تي حيران ھو تہ ”جيڪا رويا مون ڏٺي تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ايتري ۾ اھي ماڻھو جيڪي ڪرنيليس موڪليا ھئا، تن شمعون موچيءَ جو گھر ڳولي لڌو ۽ ھاڻي اچي سندس دروازي تي بيٺا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪو درشن مون کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پطرس ڏاڍي مونجھڪاري ۾ پئجي ويو تہ ”جيڪا رويا مون کي ڏيکاري ويئي آهي، تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“ هوڏانهن اهي ماڻهو جيڪي ڪُرنيليس موڪليا هئا، تن شمعون جيڪو چمڙي جو ڪم ڪندڙ هو تنهن جو گھر ڳولي لڌو ۽ اچي سندس دروازي تي بيٺا.