Acts 10:38 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ ڪيئن خدا، پاڪ روح ۽ قدرت سان يسوع ناصريءَ کي مسح ڪيو: پوءِ اُهو ڀلايون ڪندو، ۽ جن کي شيطان ستائيندو هو، تن کي ڇُٽائيندو پئي گهُميو، ڇالاءِ جو خدا هن سان هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھان کي اھا بہ خبر آھي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ کي پاڪ روح ۽ قدرت سان مسح ڪري چونڊيو ھو. ھو ھرھنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو ھو ۽ جن ماڻھن تي شيطان جو غلبو ھو تن کي شفا ڏيندو ھو، ڇالاءِجو خدا انھيءَ سان ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان کي اها بہ خبر آهي تہ ڪيئن خدا عيسيٰ ناصريءَ تي پاڪ روح ۽ قدرت نازل ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو ابليس جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خدا انهيءَ ساڻ هو.