Acts 10:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هن ڏانهنس چتائي نهاريو، ۽ ڊڄي ڊڄي چيائين، تہ اي خداوند ڇا آهي؟ هن چيس تہ تنهنجون دعائون ۽ تنهنجون خيراتون خدا جي حضور ۾ قبول پيون آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن ملائڪ ڏانھن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنھنجون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آھن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن دوت ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سوامي؟“ دوت چيس تہ ”ايشور تنهنجيون پرارٿنائون ۽ دان قبول ڪيا آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن ملائڪ ڏانهن ڊپ وچان ڏسندي چيو تہ ”جي سائين ؟“ ملائڪ چيس تہ ”خدا تنهنجيون دعائون ۽ خيراتون قبول ڪيون آهن ۽ تو کي ياد فرمايو اٿس.