Acts 10:41 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
نہ سڄيءَ اُمت کي، پر انهن شاهدن کي، جن کي خدا اڳيئي چونڊيو هو؛ يعني اسان کي، جي جڏهن هو وري جي اُٿيو، تڏهن ساڻس گڏ کائيندا پيئندا هئاسين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا سڄيءَ قوم کي نہ، بلڪ انھن شاھدن کي پڌرو ڪري ڏيکاريو جن کي اڳي ئي چونڊي ڇڏيو ھئائين، يعني اسان کي. اسين ئي ساڻس گڏ کائيندا پيئندا ھئاسون، جڏھن خدا کيس وري جيئرو ڪري اٿاريو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايشور سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيوت ٿي اٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا سڄيءَ قوم تي کيس ظاهر نہ ڪيو، پر رڳو اسان تي، جن کي هن اڳي ئي چونڊي ڇڏيو هو تہ جيئن اسين سندس شاهد ٿيون. هائو، اسان ساڻس گڏ کاڌو پيتو هو، جڏهن هو وري جيئرو ٿي اٿيو.