Acts 10:45 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪي مختون ايمان وارا پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي سڀيئي حيران ٿي ويا تہ روح جي بخشش غير قومن کي بہ ملي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايمان وارا يھودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا ھئا، سي حيران ٿي ويا تہ خدا پنھنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مسيح تي وشواس رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ ايشور پنهنجي بخشش، يعني پوِتر آتما غير قومن تي بہ پرگھٽ ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مسيح تي ايمان رکندڙ يهودي جيڪي يافا کان پطرس سان گڏجي آيا هئا، سي انهن کي جدا جدا ٻوليون ڳالهائيندي ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي ڏسي حيران ٿي ويا تہ خدا پنهنجي بخشش، يعني پاڪ روح غير قومن تي بہ نازل ڪري ٿو. تنهن تي پطرس کين چيو تہ