Acts 11:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو جڏهن اسان خداوند يسوع مسيح تي ايمان آندو هو، تڏهن جا بخشش اسان کي عطا ڪئي هئائين سا اُنهن کي بہ ڏنائين، تہ پوءِ آئون ڪير هوس جو خدا کي روڪي سگهان؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو صاف آھي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آھي، جيڪا ھن اسان کي عطا ڪئي ھئي جڏھن اسان خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو ھو. پوءِ آءٌ ڪير ھئس جو خدا کي روڪي سگھان ھا؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو صاف آهي تہ ايشور ساڳي بخشش غير قومن کي بہ ڏني آهي، جيڪا هن اسان کي پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آڻڻ ڪري ڏني هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو ايشور کي روڪي سگھان ها؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو صاف آهي تہ خدا ساڳي بخشش غير قومن کي بہ عطا ڪئي آهي، جيڪا هن اسان کي خداوند عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ ڪري عطا ڪئي هئي. پوءِ آءٌ ڪير ٿيندو هئس جو خدا کي روڪي سگھان ها؟“