Acts 11:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ جيڪا مصيبت آئي، تنھن جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انھن مان ڪي تہ فينيڪي، قبرص ۽ انتاخيا تائين وڃي پھتا. اتي يھودين کان سواءِ ھو ٻئي ڪنھن کي بہ خدا جو ڪلام نہ ٻڌائيندا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري وشواسي ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پرڀو يسوع بابت ايشور جو سنديش نہ ٻڌائيندا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
استيفنس جي مارجي وڃڻ کان پوءِ بيحد ستايو وڃڻ جي ڪري ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان ڪي فينيڪي علائقي، قبرص ٻيٽ ۽ شام جي شهر انطاڪيا تائين وڃي پهتا. هو جتي بہ ويا، اتي يهودين کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ خداوند عيسيٰ بابت خدا جو پيغام نہ ٻڌائيندا هئا.