Acts 11:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
برنباس جڏھن اتي پھتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ انھن تي فضل ڪيو آھي تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کين سمجھايائين تہ ”خداوند سان دل وَ جان سان وفادار رھجو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پوِتر آتما ۽ وشواس سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ ايشور ڪيئن نہ مٿن ڪرپا ڪئي آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہافزائي ڪندي کين چيائين تہ ”پرڀو يسوع سان تن ۽ من سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو پرڀو يسوع تي وشواس آڻي منڊليءَ ۾ شامل ٿي ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہافزائي ڪندي کين چيائين تہ ” خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.