Acts 11:26 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن لڌائينس، تڏهن انتاڪيہ ۾ وٺي آيس. ۽ هيئن ٿيو جو هو هڪڙو سڄو سال ڪليسيا سان گڏ رهندا آيا، ۽ گهڻن ماڻهن کي تعليم ڏيندا رهيا؛ ۽ شاگرد پهريائين انتاڪيہ ۾ مسيحي سڏجڻ لڳا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھن کي ڳولي لڌائين، تڏھن کيس انتاخيا ۾ وٺي آيو. ھو ٻئي ڪليسيا جي ماڻھن سان سڄو سال ملندا رھيا ۽ گھڻن ئي ماڻھن کي تعليم ڏنائون. اھو انتاخيا ۾ ئي ٿيو جو شاگرد پھريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين وشواسي منڊليءَ جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي سکيا ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو وشواسي پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هن کي ڳولي لڌائين، تڏهن کيس انطاڪيا ۾ وٺي آيو. هو ٻيئي هڪ سال تائين ڪليسيا جي ماڻهن سان ملندا رهيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کي تعليم ڏنائون. اهو انطاڪيا ۾ ئي ٿيو جو ايمان وارا پهريون دفعو مسيحي سڏجڻ لڳا.