Acts 11:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ منجهانئن هڪڙو اگبس نالي اُٿي بيٺو، ۽ روح جي وسيلي چيائين تہ ساريءَ دنيا تي ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي: جو ڪلوديس جي ڏينهن ۾ اچي پيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن مان اگبس نالي ھڪڙو نبي اٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پيشنگوئي ڪيائين تہ سڄيءَ دنيا ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آھي. ائين ئي ٿيو ۽ اھو ڏڪار ڪلوديس شھنشاھہ جي ڏينھن ۾ پيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پوِتر آتما جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي حڪومت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن مان هڪڙي جو نالو اگبس هو، جيڪو ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ اُٿي بيٺو ۽ پاڪ روح جي وسيلي اڳڪٿي ڪيائين تہ سڄي رومي شهنشاهت ۾ ڏاڍو ڏڪار پوڻو آهي. پوءِ قيصر ڪلوديُس جي ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو.