Acts 12:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هو پهرينءَ ۽ ٻيءَ چونڪيءَ مان نڪري اُنهي لوهہ جي دروازي وٽ آيا، جنهن مان شهر ڏانهن وڃڻ جو رستو هو، تڏهن اهو سندن لاءِ پاڻهي پَٽجي پيو، ۽ هو ٻاهر نڪري هڪڙيءَ گهٽيءَ مان لنگهي ويا؛ ۽ انهي دم ملائڪ وٽانئس هليو ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھي پھرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار ھو انھيءَ لوھي دروازي وٽ اچي پھتا، جيڪو شھر ڏانھن کليو ٿي. دروازو ھنن لاءِ پاڻ ئي کلي پيو ۽ ھو ٻاھر نڪري آيا. اھي شھر جي ھڪ گھٽيءَ مان ھلڻ لڳا تہ اوچتو ئي ملائڪ پطرس کي ڇڏي ھليو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهي پهرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار هو انهيءَ لوهي دروازي وٽ اچي پهتا، جيڪو شهر ڏانهن کُليو ٿي. دروازو هنن لاءِ پاڻ ئي کُلي پيو ۽ هو ٻاهر نڪري آيا. اهي شهر جي هڪ گھٽيءَ مان هلڻ لڳا تہ اوچتو ئي دوت پطرس کي ڇڏي هليو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي پهرين چونڪيءَ وٽان لنگھي ويا ۽ پوءِ ٻي چونڪي ۽ آخرڪار هو انهيءَ لوهي دروازي وٽ اچي پهتا، جيڪو شهر ڏانهن کُليو ٿي. دروازو هنن لاءِ پاڻ ئي کُلي پيو ۽ هو ٻاهر نڪري آيا. اهي شهر جي هڪ گھٽيءَ مان هلڻ لڳا تہ اوچتو ئي ملائڪ پطرس کي ڇڏي هليو ويو.