Acts 12:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ هاڻي مون کي پڪ ٿي آهي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي مان، ۽ جيڪا يهودي قوم جي اُميد هئي، تنهن کان ڇڏايو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن پطرس ھوش ۾ آيو، تڏھن چوڻ لڳو تہ ”ھاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنھنجو ملائڪ موڪلي مون کي ھيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آھي ۽ جيڪي يھودي قوم جا ارادا ھئا تن کان ڇڏايو اٿس.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ پرميشور پنهنجو دوت موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ ٿي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي کان آزاد ڪيو آهي ۽ يهودي ماڻهن جي سمورين اميدن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿس.“