Acts 12:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر هن هٿ سان اشارو ڏيئي چين تہ ماٺ ڪريو، پوءِ ٻُڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس قيدخاني مان ڇڏايو. ۽ چيائين تہ هن ڳالهہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي خبر ڏجو. پوءِ پاڻ نڪري ٻئي هنڌ هليو ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ھن ماٺ ڪرڻ لاءِ کين ھٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انھن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. تڏھن کين چيائين تہ ”ھن ڳالھہ جي يعقوب ۽ ٻين ڀائرن کي بہ خبر ڏجو.“ پوءِ ھو اتان نڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو ويو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پطرس کين ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن پرميشور کيس جيل مان ڇڏايو. هن وڌيڪ چين تہ ”هيءَ ڳالهہ يعقوب ۽ ٻين وشواسين کي بہ ٻڌائجو.“ اهو چئي هو اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پطرس کين ماٺ ڪرڻ لاءِ هٿ جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ انهن کي ٻڌايائين تہ ڪيئن خداوند کيس جيل مان ڇڏايو. هن وڌيڪ چين تہ ”هيءَ ڳالهہ يعقوب ۽ ٻين ايمان وارن کي بہ ٻڌائجو.“ اهو چئي هو اتان نڪري ڪنهن ٻئي هنڌ هليو ويو.