Acts 12:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن پطرس کي پڪڙڻ کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پھري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاھين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. ھيروديس جو منصوبو ھو تہ ھو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻھن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي تهوار کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن پطرس کي پڪڙائي جيل ۾ وڌو ۽ مٿس پهري ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون مقرر ڪري ڇڏيائين. هيروديس جو منصوبو هو تہ هو پطرس کي عيد کان پوءِ ماڻهن اڳيان آڻي سندس فيصلو ڪري.